دل ۽ ڌرتـيءَ جـا گـيـت

دل ۽ ڌرتـيءَ جـا گـيـت

دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت

دل ۽ ڌرتـيءَ جـا گـيـت (ڪتاب): هي شعري مجموعو، مشهـور شـاعـر نياز همايونيءَ جو آهي، جيڪو نامياري اديب ۽ نقاد تاج جويي ترتيب ڏنو آهي. هن شعري ڪليات ۾ نياز همايونيءَ جا ٻه شعري مجموعا: ’ڌرتيءَ جا گيت‘ ۽ ’ساڻيهه جي ساک‘ شامل آهن. ان کانسواءِ سندس مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل شاعري پڻ سهيڙي شامل ڪئي وئي آهي. مرتب تاج جويي ’درٻارين جا ڪنڌ جھڪي پيا‘ عنوان هيٺ جامع پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته، نياز جي شاعريءَ ۾ ڪافي نوان اسم موجود آهن. جھڙوڪ: لوڪ گيتن ۾ همرچو، تاسرڙو، اوڙو، موئرو ۽ جھونگارون وغيره. هن ڪتاب ۾ نياز همايوني جي شاعري تي عبدالواحد آريسر جو اهم مقالو پڻ آهي، جيڪو هن ’ڌرتيءَ جا گيت‘ جي مهورت وقت پڙهيو هـو. ان کان سواءِ ساڳئي ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جو مهاڳ، محمد صالح عاجز جو لکيل پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي شـروعـات ۾ نياز همايونيءَ جـو پـروفـائـيـل ۽ سـندس زندگيءَ جو خاڪو تاج جويي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب نياز جي اولاد جي نالي هن ريت ڪيو ويو آهي:
’نئـيـن نـسـل، نيـاز جـي اکـيـن جي تـارن: اويـس نياز، پرويـز نيـاز، سومل نياز جي نالي، جيڪي سنڌ جي تابناڪ مستقبل جا اهڃاڻ بڻجي سگھجن ٿا.‘
پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2009ع ڌاري ڇپايو ويو. ڪتاب 491 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 350 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو